ڀڳت پنٿي

ڀڳت پنٿي: نانڪ پنٿي فرقي جا هي ماڻهو انهن ڀڳتن کان مختلف آهن ، جيڪي بابا سوراج ڀڳت ، ڪهوٽا ضلعي راوالپنڊي واري جا پوئلڳ آهن . هي گهڻي ڀاڱي پنجاب جي بنون ۽ ديرا اسماعيل خان ۾ رهن ٿا . هي گرونانڪ جو گرنٿ جپيندا آهن ۽ ڄمڻ مرڻ واريون سڀ رسمون هندڪيون اٿن . پر هي گردواري ۾ گرنٿ صاحب ڪو نه پڙهن ، نه ڪو سڄو گرنٿ گهر ۾ پڙهن . گرنٿ جا ڪي مخصوص حصا پڙهندا آهن . شادي ، مڱڻو وغيره ڌرمشالا ۾ ڪن . مُردي کي پوريندا آهن ، ساڙيندا نه آهن ، نه وري ڪي وڏيون رسمون ادا ڪن . مرڻي پرڻي ۾ گرنٿ صاحب جا ڪي حصا گهر ۾ پڙهن ۽ ڪڻاهه-پرساد ورهائين . ڪنهن به مذهبي جاءِ تي ڪو نه وڃن ، نه ڪو مرڻي تي شراڌ ڪن . روزاني عبادت جا تمام ضرور ڪن سا اٿن گرو گرنٿ صاحب کي پڙهڻ . هي 6 ڪلاڪ گرنٿ صاحب روز پڙهندا آهن . اهي ڪلاڪ ڏينهن رات جي مختلف حصن ۾ ورهايل هوندا آهن ، جيئن سج اڀرڻ کان اڳ ، منجهند کان اڳ ، منجهند کان پوءِ ، سج لٿي کان اڳ ۽ رات جو . هي سکن ۾ تمام آزاد طبقو آهي ، جيڪو ڪنهن به مذهبي اڳواڻ کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو